سنڌ ۾ رد ٿيل چونڊ فارمن تي هڪ نظر

تحرير:غلام حسين جوڻو

عام خيال آهي ته  اتحادي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جو گهيرو تنگ ڪيو هو. ان پارٽي جي قيادت کي جيلن ۾ بند ڪري مختلف ڪيسن ۾ سوگهو ڪيو ۽ ڪن اڳواڻن کي سزائون به ڏياريون ويون. ان پارٽي جا چونڊيل نمائندا سختيون ڏسڻ ڪري پنهنجيون وفاداريون بدلائي ٻيو رخ ڪيو. هاڻي نگران حڪومت به گذريل حڪومت جي ڏسيل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو آهي. اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اعلان موجب چونڊ 8 فيبروري تي ڪئي ويندي. اميدوارن جي فارمن ڀرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. فارم ڀرجي مڪمل ٿيا ته جاچ پڙتال جو عمل شروع ڪيو ويو. جاچ پڙتال جي عمل دوران ڇا ٿيو؟ اطلاع آهن ته ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي گهڻن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن. ان لاءِ ڪونه ڪو بنياد بڻائي، الزام هڻي فارم جي رد ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان پارٽي کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو پيو وڃي. شاهه محمود قريشي جو تعلق مذڪوره پارٽي سان آهي. هن پنهنجي شهر ملتان مان چونڊن جو فارم ڀرايو آهي. جيڪو رد ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد پنڊي جي تڪ مان فارم ڀرايو آهي. جتان هميشه اليڪشن وڙهي ڪامياب ٿي ايوان تائين پهتو. پنهنجي تڪ جي خدمت به ڪئي اٿس. هن جو فارم به رد ڪيو ويو هو جيڪو پوءِ بحال ٿيو . اهڙي طرح ٻين به ڪيترن ئي پارٽين جي اميدوارن جا فارم رد ڪري ڌانڌلي جي شروعات ڪئي ويئي آهي. لڳي ايئن ٿو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ، ڪونه ٿينديون.

اهڙي قسم جي ڌانڌلي جي شروعات سڄي ملڪ ۾ ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ پ پ  خلاف ، اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. جن اليڪشن فارم جمع ڪرايا آهن. نگران حڪومت تي اهو الزام لڳايو پيو وڃي ته ، اها پ پ پ جي ونگارو آهي. ان جي اشاري تي هلي رهي آهي. جنهن ڪري مخالفن جا فارم رد ڪيا پيا وڃن. مليل ڄاڻ موجب بدين ضلعي مان ذوالفقار مرزا ، فهميده مرزا ۽ سندن پٽ حسنين مرزا جا فارم رد ڪيا ويا آهن. ان لاءِ مختلف بهانا بڻايا ويا آهن ۽ الزام تراشي به ڪئي ويئي آهي. فارم رد ٿيڻ کان پوءِ ،انهن ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. ڏسجي ته سندن اپيلن جو نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري. سندن فارم بحال ٿين ٿا يا مورڳو کين ميدان تان هٽايو ويندو. في الحال صورتحال منجهيل نظر اچي ٿي. چند ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي. جڏهن ته  مرزا خاندان جو پنهنجي علائقي ۾ وڏو اثر رسوخ آهي. سندن ووٽن جو گهڻو تعداد آهي. ڄاڻايل شخصيتن جا جيڪڏهن فارم بحال نه ٿا ڪيا وڃن ته اتان جا ووٽر مايوس ٿيندا ۽ ووٽ جو حق استعمال ڪري ڪونه سگهندا. ماڻهن جو وڏو تعداد ووٽ ڏيڻ کان محروم رهجي ويندو ته پوءِ ان اليڪشن کي صاف ۽ شفاف چئي نه ٿو سگهجي. اها ڄاڻايل تڪ جي ووٽرن سان بي انصافي ٿيندي ۽ مرزا خاندان جا مخالف اميدوار پنهنجي مقصد جا نتيجا حاصل ڪري سگهندا ۽ کين اسيمبلي ۾ پهچڻ لاءِ آساني ٿيندي. اها مڃيل حقيقت آهي ته مرزا خاندان علائقي ۾ هڪ سگهارو ۽ طاقتور گروپ آهي. جنهن سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي. هاڻ ، ان خاندان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وڌيڪ ڏسجي ته ايندڙ چند ڏينهن ۾ ڇا ٿو ٿئي؟

جي ڊي اي طرفان سانگهڙ ضلعي جو اميدوار وڏيرو محمد خان جوڻيجو آهي جنهن جو تعلق ته اڳ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان هو، پر، تازو  جي ڊي اي ۾ شامل ٿيو آهي.

“پاڪستان تحريڪ انصاف” جي پارٽي سان تعلق رکندڙ حليم عادل شيخ جو فارم به رد ڪيو ويو آهي کيس مسلسل قيد و بند رکيو پيو وڃي. جڏهن ته عدالت سندس ضمانت به منظور ڪئي آهي. تنهن هوندي به پوليس عدالت جي حڪم کي ٺڪرائي کيس گرفتار ڪيو. ياد رهي ته حليم عادل شيخ اڳ ۾ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن  ليڊر به رهيو آهي.

خيال آهي ته مخالفن ، رٽرننگ آفيسرن سان ملي ڀڳت ۽ ڳٺ جوڙ ڪري انهن جا فارم بلا جواز رد ڪرايا آهن. اهو ، عمل درست ڪونه آهي. مذڪوره آفيسرن جو اهڙو رويو رهيو ته ، عوام جي اعتماد کي ڇيهو پهچندو ۽ ماڻهن جو اعتماد مجروح ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۾ ، سڀني لاءِ هڪ قانون ۽ قاعدو هئڻ گهرجي. پر ، هتي ايئن ڪونه آهي. هتي هڪڙن لاءِ هڪ قانون آهي ۽ ٻين لاءِ ٻيو قانون موجود آهي. جنهن ڪري هر هڪ کي هڪ جهڙو انصاف ڪونه ٿو ملي. جيتري قدر فارمن جي منظور يا رد ٿيڻ جو تعلق آهي ته ان ۾ ڄاڻايل ٻه قانون استعمال ڪيا ويا آهن. نتيجي ۾ سگهاري ڌر جي اميدوارن جا فارم رد ڪونه ٿيا آهن. پر، ان جي مخالفن جا فارم رد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ۽ قانون آهي. اها هڪ ڌانڌلي آهي. جنهن جي شروعات اليڪشن کان اڳ ۾ ئي شروع ڪئي ويئي آهي. اهو حال ڏسي ان آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ، اٺين فيبروري 2024 ع تي ٿيندڙ چونڊون صاف ، شفاف نه هونديون.

ملڪ جي سڀني پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي. جن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن تن کي بحال ڪيو وڃي سڄي عوام کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي ته جئين هر ماڻهو پنهنجي راٰءِ جو اظهار ڪري سگهي. تڏهن وڃي صاف ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائي سگهبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.