چونڊن جي شفافيت سواليه نشان بڻيل

تحرير: رفيق پٽيل

پاڪستان جي سياست جي تجزئي ڪرڻ بعد جيڪا تصوير سامھون اچي ٿي،ان مطابق جيڪڏھن 8 فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ وڏي ڌانڌلي نٿي ٿئي، ووٽ  چوري نٿا ٿين ،موجودھ حالتن ۾ اولهھ ۽ جپاني معيار جي چونڊ عمل جي نھ رڳو توقع نٿي ڪري سگھجي، پر ھتي تھ ان جو تصور بھ نٿو ڪري سگھجي.البتھ اھي چونڊن ھندستان ۽ بنگلاديش کان ڪجھه گھٽ معيار جي مطابق بھ ٿي وڃن،تڏھن بھ ان جي نتيجي ۾ عمران خان جي سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويندي.

مختلف ادارن پاران راءِ عامھ جي حاصل ڪيل انگن اکرن ۾ پي ٽي آءِ، ڪامياب نظر اچي ٿي.پاڪستان ميڊيا جا اڪثر مبصر بھ ان سان متفق آھن تھ پي ٽي آءِ،ملڪ جي سڀ کان وڏي مقبول جماعت آھي ۽جيڪڏھن  عوام جي خواھش جو احترام ڪيو ويو تھ پي ٽي آءِ ئي ڪامياب ٿيندي،ان جو ھڪ وڏو سبب جماعت مسلم ليگ ن جو مسلسل زوال آھي،ووٽرز جو وڏو تعداد ان تي ڪاوڙيل پڻ آھي،جنھن جي ڪري گذريل 20 مھينن دوران وڌندڙ مھانگائي،بجلي جاڳرا بل اچڻ ۽ صحت جي سھولتن ۾ گھٽتائي آئي آھي.

سياسي تجزئي نگار ان ڳالهھ جو سرعام اظھار ڪن ٿا تھ ڪجھھ مبصر خوشي سان ڌانڌلي جو تجزيو ڪن ٿا ۽ راءِ عامھ جي توھين ڪن ٿا، حالانڪھ جمھوريت راءِ عامھ جي احترام بنا بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي.ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اميدوارن جا نامزدگيءَ ڪاغذ ڦرڻ جون تصويرون ۽ خبرون سڀني جي سامھون آھن، ان بعد پي ٽي آءِ ،جي اڪثر نامور اڳواڻن جا نامزدگيءَ ڪاغذن رد ٿي ويا.عورتن سان زيادتيءَ ۽ تشدد جا الزام بھ سامھون آيا،جنھن مان ظاھر ٿي رھيو آھي تھ پي ٽي آءِ، جي لاءِ شديد رڪاوٽون آھن،اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيلن ۾ بند آھن،انھن جو چونڊ نشان بيٽ واپس وٺي، انھن جي جماعت تحليل ڪئي وئي آھي.اھو جمھوري طرز عمل جي نفي آھي.

اھڙي طرح شفافيت ممڪن نھ آھي.دنيا ۾ ترقي ڪندڙ قومن ۾گڏيل قدر قانون جي حڪمراني،انصاف،اخلاقيات،شفافيت۽ميرٽ جو نظام آھي.ميڊيا ان جي معيار جي خامين جي نشاندھي ڪري ٿو. بي ايماني کي برائي تصور ڪيو وڃي،پر جيڪڏھن ان جي پذيرائي ڪئي وڃي تھ معاشرو زوال پذير ٿي تباھ ۽ غرق ٿي سگھي ٿو. ھڪ طرف پي ٽي آءِ ،جي خلاف آپريشن جاري آھي، اھا ڪا گڏجاڻي بھ نٿي ڪري سگھي.جھنڊو بھ نٿي کڻي سگھي،ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي لاءِ ھر طرح جون سھولتون موجود آھن، نوازشريف جي لنڊن مان آمد ھڪ بادشاھ جيان ھئي، ان بعد مسلم ن اعلان ڪري ڇڏيو تھ چونڊن بعد نوازشريف وزارت اعظيٰ جو حلف کڻندو. ان ڳالھھ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ھڪ لمحي جي لاءِ تصور ڪيو وڃي تھ 8 فيبروري جي چونڊن جا نتيجا مسلم ليگ ن جي خواھشن جي مطابق ھوندا،جئين مسلم ليگ ن جي دعويٰ آھي تھ ان جي مٿي ڳالھه ٿي وئي آھي. چونڊن ۾ پي ٽي آءِ نھ ھوندي، ان جو چونڊ نشان بيٽ بھ نھ ھوندو ۽ ان جا ماڻھو آزاد اميدوار جي حيثيت سان مختلف نشانن سان چونڊون وڙھندا، جنھن ۾ کٽ، پنڃرو، ٻڪري، اخبار، بصر، ريڊيو، صوفو، چمچو. ٽيبل، جوتو ۽ اسڪرو ڊرائيو وغيرھ شامل ٿي سگھن ٿا.

مسلم ليگ جي ان ڳالهھ کي تسليم ڪيو وڃي تھ ان جي مٿي ڳالهھ ٿي چڪي آھي، ان جو امڪاني چونڊ نتيجو ڪجھه ھن طرح جو ھوندو تھ مسلم ليگ ن ھڪ سئو ٽيھھ کان وڌيڪ سيٽون کڻي پھرين نمبر تي اچي سگھي ٿي.ٻئي نمبرتي، پي پي کي 45 کان 55 سيٽن تائين محدود رکي سگھجي ٿو،آزاد اميدوار 60 سيٽون حاصل ڪري سگھن ٿا.جنھن جي وڏي اڪثريت پي ٽي آءِ، جي حامي اميدوارن تي ٻڌل ھوندي. ايم ڪيو ايم 10 جماعت اسلامي6 ۽ باقي سيٽون  جي يو آءِ ۽ ٻين جماعتن جي حصي ۾ اچن ٿيون.

اھڙي صورت ۾ سرڪاري بيان موجب ڪا ھارس ٽريڊنگ نھ ٿيندي،رڳو ايترو ٿيندو تھ جھانگيرترين جو ھيليڪاپٽر آزاد اميدوارن کي سفري سھولتون فراھم ڪندو، اڌ کن اميدوار کي سوار ڪري محفوظ مقام تي کڻي ويندو. 10 نوازشريف ڪئمپ ۾ وٺي ايندو ۽ 5 آصف زرداري جي پارٽي جو حصو بڻجندا،اھڙي طرح مخصوص سيٽن جي وڏي اڪثريت مسلم ليگ ن جي حصي ۾ ايندي،ٻئي نمبر تي پيپلزپارٽي ۽ ٽين نمبر تي استحڪام پاڪستان پارٽي ھوندي.

اھري طرح مسلم ليگ ن ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي گڏجي ڪري وڏي اڪثريت واري حڪومت قائم ڪري وٺنديون.جيڪڏھن مسلم لگ ن اھو معرڪو سر ڪري ورتو تھ اھڙي ڪيفيت ۾ حڪومت جي عھديدارن جي ملڪي۽عالمي سطح تي ڪا پذيرائي نھ ٿيندي.اليڪشن جي اھا چوري ھنن کي جِن بڻجي ڊيڄاريندي رھندي.ماڻھن بھ انھن کي ڌانڌلي ڪندڙ چور تصور ڪندا،عوام ۾ وڌيڪ ڪاوڙ ۽ نفرت جا جذبا پئدا ٿيندا، مسلم ليگ ن ۽ ملڪ جا واڳ ڌڻي جنھن رٿا تي عمل ڪري رھيا آھن، ان سان ملڪ ۾ انتھاپسندي وڌندي ۽ڪجھھ مذھبي انتھاپسند قوتون انھن حالتن مان فائدو کڻي ڪري چونڊن ۾ وڌيڪ طاقتور بڻجي سامھون اچي سگھن ٿيون يا چونڊن جي ڪري وڌيڪ بحران پئدا ڪري سگھن ٿيون.

گذريل ويھن مھينن کان ملڪ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جي راهه تي گامزن آھي، سرمائيدارن ۽ واپارين جو اعتماد ختم ٿي چڪو آھي. سرمايو ٻاھرين ملڪ منتقل ٿي رھيو آھي.ملڪ جا اڪابر ۽ سياستدان ھن ڌٻڻ مان نڪرڻ جي لاءِ ڪو لائحھ عمل ڳولڻ جي بدران پنھنجي مخالفن کي گھٽ ڏيکارڻ يا انھن کي چٿڻ ۾ مصروف آھن،پاڪستان جي نوجوانن کي برو ڀلو چوڻ جي بدران انھن کي ھڪ خوشحال ۽ مستحڪم معاشرو فراھم ڪري انھن جي صلاحيتن ۽ توانائي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آھي.

جيڪڏھن جبر جي ذريعي انھن کي دٻاءَ ۾ رکيو ويو تھ مستقبل ۾ ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا.جنھن سان نھ رڳو ملڪ بلڪھ خطي کي خطرا لاحق ٿي سگھن ٿا.عوامي نفرت جي شڪار مسلم ليگ ن جي وجود کي خطرو لڳو پيو آھي. ان ڪري ھر ممڪن ڪوشش آھي تھ اقتدار تي قبضو ڪري وٺجي.ان صورت ۾ بھ اھا ھاڻوڪي ڪيفيت تي قابو پائڻ ۾ ناڪام ٿيندي. ان ڳالھھ جو خطرو وڌي ويندو تھ اھا اقتدار حاصل ڪرڻ بعد پنھنجو وجود برقرار رکڻ ۽ اقتدار تي وڌيڪ گرفت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اھڙا قدم کڻي سگھي ٿي،جنھن سان ملڪ جي ٻين جماعتن خاص ڪري پيپلزپارٽي کي خطرو ٿي سگھي ٿو.موجودھ حالتن ۾ بي يقيني ۽ عدم استحڪام جو خاتمو نظر نٿو اچي.ايندڙ چونڊن جي نتيجن تي خود مسلم ليگ ن کي سمورين دعوائن جي باوجود يقين نھ آھي تھ عمران خان جي جماعت حالتن جو ڀرپور سياسي مقابلو ڪري رھي آھي،ھر لمحو ھن جي مقبوليت ۾ اضافو ڪري رھيو آھي.عمران خان ۽ سندس ساٿي چونڊن ۾ ھارائي ڪري فاتح سڏرائيندا ۽ کٽندڙ کٽي ڪري بھ لکندا رهندا.عوام جي سامھون اچڻ کان لھرائيندا.ڏسڻو پوندو تھ ھن معرڪي ۾ عوام ڪھڙي طرح پنھنجو مستقبل طئھ ڪري ٿو. انھن کي ھڪ بھتر پاڪستان جي خواھش آھي.جنھن ۾ ان جي راءِ تسليم ڪئي وڃي، عوام آزاد چونڊون چاھي ٿو،ڪنھن جبر کي لاڳو جو مطلب سندن امنگن جو قتل ھوندو.

دنيا ۾ ترقي ڪندڙ قومن ۾گڏيل قدر قانون جي حڪمراني، انصاف، اخلاقيات، شفافيت ۽ ميرٽ جو نظام آھي.ميڊيا ان جي معيار جي خامين جي نشاندھي ڪري ٿو. بي ايماني کي برائي تصور ڪيو وڃي، پر جيڪڏھن ان جي پذيرائي ڪئي وڃي تھ معاشرو زوال پذير ٿي تباھ ۽ غرق ٿي سگھي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.