نوشھرو فيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) سموري سنڌ جيان نوشھرو فيروز ضلعي ۾ به ڊي سي ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سب بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ٿيڻ ۽ ھٿراددو کوٽ خلاف جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ رواداري تحريڪ جي پنھل ساريو، شعاب ميمڻ اخلاق جوکيو منير وسطڙو اياز راڄپر ۽ اسد عمراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس جي گيٽ بند ڪري ڌرڻو لڳايو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو ۽ ٻين چيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، غريب هارين سان ظلم ٿي رهيو آهي، هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري هارين کي ڪڻڪ جي لاءِ پاڻي ڏنو وڃي، ان موقعي تي اي سي نوشھرو فيرو ڌرڻي واري ھنڌ پھتو پر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اڳواڻن چيو ته اسان کي لکت ۾ ڏيو جيڪي گدام تي ڀاڻ بليڪ تي وڪڻن ٿا انھن خلاف قدم کڻي ھارين کي ڀاڻ ڏنو وڃي ڇو ته ڪڻڪ جي فصل کي سخت ضرورت آهي، جيڪڏھن ٽائيم تي فصل کي ڪلر نه مليو ته فصل صحيح پيداوار نه ڏيندو، ڀاڻ جي کوٽ خلاف جدوجهد جاري رهندي.