خالد لانگو چيف جسٽس بابت زهر اوڳاڇي ڇڏيو

ڪوئيٽا (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار خالد لانگو چيو آهي ته چيف جسٽس جا مون تي الزام، انصاف جي لاءِ ڪيڏانهن وڃان، بلوچستان  هاءِ ڪورٽ ۾ 426 جي اپيل ڳي آهي، هاءِ ڪورٽ نه ڏني، جنهن تي مان سپريم ڪورٽ ويس، اُتي به اها ئي اپيل ڪئي ته منهنجي سزا معطل ڪريو، بدقسمتي سان سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، عام ماڻهو ڪا ڳالهه ڪري ته توهين عدالت، جيڪڏهن ڪو جج هجي ته پوءِ، چيف جسٽس کي مون کان معافي وٺڻ گهرجي، خالد خان لانگو چيو ته گذريل ڏينهن کان منهنجو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس جيڪي رمارڪس ڏنا آهن الله تعاليٰ ڪنهن کي ڇوٽ نه ڏئي جو هو ڪنهن سان زيادتي ڪري، پاڪستان هڪ ملڪ جنهن جو هڪ آئين آهي، هتي سڀني جي لاءِ حق برابر هجڻ گهرجن، سڀني جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چيڪ اپ ڪرايو وڃي ته هو فٽ آهي يا نه، سڀني جي لاءِ قانون برابر هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.