قاسم سليماني جي ورسي تي ڌماڪا، پاسداران انقلاب پاران بدلو وٺڻ جو اعلان

تهران ( م ڊ) ايران جي پاسداران انقلاب ۽ ملڪ جي پهرين نائب صدر محمد مخبر، قاسم سليماني جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ  ڌماڪي ۾ لڳ ڀڳ 100 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. خابرو اداري رائٽرز موجب قاسم سليماني 2020ع ۾ عراق ۾ آمريڪا جي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو هو ۽ گذريل ڏينهن سندس چوٿين ورسي جي موقعي تي ٻن بم ڌماڪن ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا هئا. ايران ۾ 1979ع جي انقلاب کان پوءِ اهو سڀ کان وڏو حملو آهي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اسپتال ۾ زخمين جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محمد مخبر چيو ته قاسم سليماني جي سپاهين ذريعي بزدلاڻو حملو ڪندڙن کان سخت بدلو وٺنداسين. ٻئي پاسي پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ان ڪارروائي کي بزدلاڻو حملو قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ان حملي جو مقصد ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ انهن ماڻهن کان بدلو وٺڻ آهي، جيڪي ملڪ سان گهري محبت ۽ عقيدت رکن ٿا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو عمل ذميوارن کي انهن جي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.