اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پشاور هاءِ ڪورٽ ٽربيونل ۾ وڌيڪ ٻن ججن کي شامل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جسٽس عتيق شاهه ۽ جسٽس وقار احمد کي اليڪشن ٽربيونل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ٻئي جج نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ يا قبول ڪرڻ بابت آر او جي فيصلي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪندا.