ڪراچي( رپورٽر) ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ دانشور انور پيرزادي جي ورسي جي سلسلي ۾ اڄ شام 4 وڳي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ تقريب ٿي رهي آهي. تقريب ۾ مهتاب اڪبر راشدي، ناليوارو اديب سيد مظهر جميل، زبيده برواڻي، نثار ميمڻ، زيب سنڌي، محمد علي پٺاڻ، رزاق سروهي، طارق قريشي انور پيرزادي بابت خيالن جو اظهار ڪندا. آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هي پروگرام انور پيرزادي جي 7 جنوري واري ورسي جي حوالي سان ڪيو پيو وڃي.