سنڌ هاءِ ڪورٽ فيس ۾ اضافي خلاف شاگردن جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان اقبال  چوڌري جي سنگل بينچ ڪراچي ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي جي شاگردن طرفان في ۾ اضافي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت شاگردن جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته داخلا جو وقت ختم ٿي ويو آهي ان ڪري درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، درخواستگذارن جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته مٽيرو پوليٽن يونيورسٽي پنهنجي فيس ۾ 165سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، 14لک رپيا وڌيڪ وٺي رهي، ڪراچي جو ميئر ساڍا ٽي سئو شاگردن کان في جي مد ۾ 9 ڪروڙ رپيا وٺي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.