لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ٽڪيٽن جي ورڇ تي لاهور مان سردار اياز صادق سميت وڌيڪ اهم اڳواڻن کي پارٽي ٽڪيٽون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور مان قومي اسيمبلي جي 14 مان 12 سيٽن تي اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اين اي 117 تي استحڪام پاڪستان پارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ سبب ڪنهن به اميدوار کي شارٽ لسٽ ناهي ڪيو ويو. ذريعن موجب سردار اياز صادق، راڻا مشهود، ميان مرغوب احمد ۽ راڻا مبشر قومي اسيمبليءَ جون ٽڪيٽون وڃائي ويٺا آهن. ان کان علاوه علي پرويز ملڪ، سردار نصير ڀٽي ۽ وحيد عالم خان به پارٽي قيادت کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ سردار اياز صادق ۽ راڻا مبشر کي ٽڪيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين اي 117 تان استحڪام پاڪستان پارٽي جي عليم خان ۽ مسلم ليگ ن جي ملڪ رياض وچ ۾ فيصلو ٿيندو، جڏهن ته اين اي 118 تان حمزه شهباز جو نالو شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح اين اي 119 تان مريم نواز، اين اي 120 مان سهيل شوڪت بٽ ۽ اين اي 121 تان شيخ روحيل اصغر کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جا امڪان آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 تان خواجا سعد رفيق، اين اي 123 تان شهباز شريف، اين اي 128 تان حافظ نعمان ۽ اين اي 129 تان مهر اشتياق کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 124 تي آءِ پي پي جي عون چوڌري ۽ مسلم ليگ ن جي راڻا مبشر اقبال وچ ۾ مقابلو آهي، جڏهن ته اين اي 127 تان عطا تارڙ مسلم ليگ ن جو ممڪنه اميدوار ٿي سگهي ٿو. مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پاران لاهور جي تڪ اين اي 130 تان چونڊ وڙهڻ جو امڪان آهي. مسلم ليگ ن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور جي باقي ٻن تڪن اين اي 117 ۽ اين اي 124 تان اميدوارن جو حتمي فيصلو ڪندي.