سيوريج سسٽم جي بهتري تي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا: مريضيٰ وهاب

ڪراچي ( پ ر )  ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام کي خطاب ڪندي بئريسٽر  مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گذريل حڪومتن ۾ ڪي ايم سي جي روينيو ڪليڪشن تي ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، اهي مسئلا حل ڪرڻ ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. مرتضي وهاب چيو ته رڳو سيوريج سسٽم جي بهتري تي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا. سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي پر هاڪاري جواب نه پيو ملي. بلدياتي چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي وڌيڪ ووٽ ملڻ واري تاثر کي رد ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ اسان جو ڪم ڏسي عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو. ميئر ڪراچي چيو ته اختيارن جو ڪو به مسئلو ناهي، هو ماحولياتي گدلاڻ ۽ ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ سميت ٻين مسئلن کي حل ڪندا. تقريب جي پڄاڻي تي اعجاز الحق ميئر ڪراچي کي اجرڪ ۽ نائب صدر عامر محمود گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي سي پي اين اي جو نائب صدر عارف بلوچ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل حامد حسين عابدي، فنانس سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري مقصود يوسفي سميت سينيئر ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، قاضي اسد عابد، سعيد خاور، فقير منٺار منڱريو، نصرت مرزا، منزا سهام، نسيم شيخ، حمزا علي افغان، ذيشان، عمران ڪورائي، محمود عالم خالد، مدثر عالم، محمد توفيق، سلمان قريشي، شاهد انصاري، سيد مدثر ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.