قاضي فائز عيسيٰ جي هوندي پي ٽي آءِ کي انصاف نٿو ملي سگهي: شير افضل

راولپنڊي (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي سينئر نائب صدر شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته موجوده  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هوندي پي ٽي آءِ کي انصاف نٿو ملي سگهي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ چيف جسٽس جي رويي جي مذمت ڪري ٿي. اوهان کي ڪوبه حق نه آهي ته اوهان پي ٽي آءِ يا انهن جي وڪيلن جي توهين ڪريو، اسان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي بي اعتمادي جو اعلان ڪريون ٿا. هن چيو ته قانوني ٽيم پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي ڳالهيون ڪيون. چيف جسٽس جو تحريڪ انصاف جي وڪيلن سان رويو توهين جوڳو آهي. فاضل چيف جسٽس سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال آهي. شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ جا 12 سئو نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا پر ان باوجود اسان جي ڪيسز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي توهين عدالت جو نوٽيس اماڻيو پر آر اوز جي ڪنڊڪٽ جو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي. اسان جي تجويز ڪندڙ ۽ حمايت ڪندڙن کي کنڀيو پيو وڃي. بهتر ٿيندو ته پي ٽي آءِ جي ڪيسز لاءِ ڌار بينچز ٺاهيا وڃن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي دور ۾ داخل ڪيل ريفرنس جي رنجش اڃان تائين ڪڍي نه سگهيو آهي اسان قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس بنجڻ تي مبارڪباد ڏني هئي اسان صبر جو مظاهرو ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ توهين برداشت نٿي ڪري سگهي. پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر چيو ته سپريم ڪورٽ مان اڄ تائين اسان کي ڪوبه رليف نه مليو، سائفر ڪيس ۾ به عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ضمانت ڪنهن ٻئي بينچ مان ملي آهي. پي ٽي آءِ باني جي ضمانت اسان تي احسان نه پر اسان جو حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.