اسلام آباد ( م ڊ ) اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد تڪراري ٽوئٽس ڪيس ۾ پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي مرڪزي اڳواڻ منظور پشتين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند منظور پشتين جي ضمانت منظور ڪري ورتي. منظور پشتين جي ضمانت 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪئي وئي. وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي چيو ته شريڪ جوابدار علي وزير ڪيس مان بري ٿي ويو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻين 2 ڪيسن ۾ به ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.