بيٽ جي نشان بابت ڪيس تي بينچ جوڙي وڃي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته بيٽ جي نشان بابت ڪيس تي بينچ  جوڙي وڃي، ان تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پلينگ فيلڊ ملڻ گهرجي، چونڊن ۾ هڪڙي پي ٽي آءِ آهي جنهن خلاف غير آئيني قدم کنيا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري صحيح نموني نه پئي نڀائي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته لنڊن پلان تحت سياسي جماعت کي نشانو بڻايو ويو. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته اسان جي درخواست هئي ته آر او عدليه کان ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.