معاشي تنگي سبب صحافين جو وڏو مسئلو صحت آهي: شعيب احمد

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو آهي ته اڄوڪي دور ۾ پاڪستاني صحافي هڪ مظلوم  بقو بڻجي چڪو آهي، جيڪو ٻين مظلومن جو آواز ته اٿاري ٿو  پر ان لاءِ آواز اٿارڻ وارن جو تعداد تمام ٿورڙو آهي پر ڪراچي پريس ڪلب پنهنجي بيروزگار، گهٽ پگهار ۽ بيمار ميمبرن جي خدمت ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي آهي، ڪلب عورتن لاءِ ڪمپليڪس تعمير ڪري عورت ميمبرن کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون به ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي  سني تحريڪ ۽ دائود بوهرا برادري جي وفد جي طرفان مبارڪباد ڏيڻ کانپوءِ  ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته معاشي تنگي سبب صحافين جو ٻيو وڏو مسئلو صحت جو مسئلو آهي ، جنهن لاءِ ڪلب شهر اندر سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين سان ٻه طرفي معاهدا ڪيا آهن. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي وقتي صدر رشيد ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، گورننگ باڊي ميمبر شازيه، مونا، شعيب علي، نور محمد ڪلهوڙو سميت ڪلب جا ٻيا ميمبر رانا جاويد، ذوالفقار راڄپر، آصف جيجا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي سني تحريڪ جي سربراهه چيو ته دنيا پنهنجا تاريخي ماڳ محفوظ رکي ٿي پر اسان وٽ اها روايت نه آهي پر اوهان پريس ڪلب جي حفاظت ڪئي آهي ۽ پريس ڪلب جي ميمبرن جي ڀلائي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي، اهو ساراهه جوڳو ۽ سٺو ڪم آهي، هن چيو ته 8 فيبروري تي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ سني تحريڪ ملڪ کي حيران ڪري ڇڏيندي، سموريون پارٽيون اليڪشن ۾ حصو وٺنديون، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبا ملڪي سياست ۾ وڏي اهميت رکن ٿا . بوهري برادري جي اڳواڻن زوهيب طاهر، علي اڪبر، هاشم علي چيو ته بوهري برادري ڪراچي پريس ڪلب سان پنهنجا لاڳاپا قائم رکندي ۽ بوهري برادري وانگر ڪلب جي ميمبرن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.