اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 12 پئسا في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، واڌو اگهه نومبر مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وصول ڪيا ويندا.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي موجب بجلي واهپيدارن کي جنوري جي بلن ۾ اضافي ادائگيون ڪرڻيون پونديون. نيپرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واڌو اگهه لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني هئي.