نواز ليگ ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ رولڙي جو شڪار، اختلاف نه نبريا

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن ۾ ٽڪيٽن تان اختلاف نه نبري سگهيا آهن. اياز صادق ۽ روحيل اصغر آمهون ، طلال چوڌري ۽ نواب وسير ۾ اختلاف  آهن، نارووال ۾ احسن اقبال ۽ دانيال عزيز ۾ به اختلاف نه نبريا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين اي 121 تان روحيل اصغر پارٽي قيادت کي چونڊ وڙهڻ جو واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، اين اي 121 جي 12 يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن اياز صادق جي حمايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اياز صادق اين اي 119 ۽ 117 ۾ به ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ ڇنڇر ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ اياز صادق پنهنجو موقف به پيش ڪيو ۽ چيو ته تڪ جو عوام چوي ٿو ته هو پنهنجي حقن لاءِ وڙهندا نه، مون کي خبر آهي ته ضد ڪري ڪيئن قائل ڪيان پر پارٽي نظم و ضبط جو پابند آهيان. ذريعن موجب اين اي 96 جڙانوالا ۾ طلال چوڌري ۽ نواب شير وسير جو معاملو به حل نه ٿيو آهي. ن ليگ ۾ طلال ۽ شير وسير لاءِ الڳ مضبوط گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، نواب شير وسير پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيل ميمبرن مان هڪ آهي،شهباز شريف جو موقف آهي ته نواب شير وسير کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وڃي ڇو ته ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن  کيس ٽڪيٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ لاهور مان هڪ قومي اسيمبلي ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جون سيٽون آءِ پي پي کي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.