70 ڪروڙ ڊالر آءِ ايم ايف قسط، پاڪستان پاران سمورا شرط مڃڻ جي خاطري

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط لاءِ آءِ ايم ايف جا  سمورا شرط مڃڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير شمشاد  اختر ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. هاڻي آءِ ايم ايف پنهنجي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ تصديق ڪئي آهي ته هو پاڪستان جي درخواست تي پهريون جائزو مڪمل ڪندو ۽ اسٽينڊ بائي پروگرام تحت 700 ملين ڊالرن جي ٻي قسط 11 جنوري 2024ع تي جاري ڪئي ويندي، ان مقصد لاءِ 11 جنوري 2024ع تي منظوري ڏني ويندي. واشنگٽن ڊي سي ۾ اجلاس ۾ ڏنو ويندو. هڪ سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستاني عملدار آءِ ايم ايف جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سان ارادي جو دستخط ٿيل خط شيئر ڪندا، جيڪو پاڪستان جي 700 ملين ڊالرن جي درخواست تي غور ڪندو. آمريڪا ۾ ڪرسمس ۽ نئين سال جون موڪلون آهن، ان ڪري آءِ ايم ايف بورڊ 11 جنوري تي پاڪستان جي درخواست تي غور ڪرڻ لاءِ سندن ختم ٿيڻ کان پوءِ شيڊول جاري ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.