سرڪاري آفيسر جي پٽ پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ روينيو کاتي جي اعلي آفيسر جي پٽ پوليس اهڪار کي گاڏي جو ٽڪر هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، سندس گرفتاري  لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڊفينس واري علائقي ۾ ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندي پوليس اهلڪار کي سرڪاري آفيسر جو پٽ گاڏي جو ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪرڻ واري واقعي جو سنڌ روينيو کاتي جي اعليٰ سرڪاري ملازم جي پٽ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. 19 ڊسمبر تي ساحل پوليس اسٽيشن جي علائقي ڊفينس فيز 8 خيابان بابر ۽ خيابان اقبال وچ ۾ تيز رفتار گاڏي پوليس اهلڪار کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ساحل ٿاڻي تي مقرر هيڊ ڪانسٽيبل مختيار احمد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.  زخمي پوليس اهلڪار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ زخمي پوليس اهلڪار چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کان انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي زخمي پوليس اهلڪار ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ موبائل تي ڊيوٽي تي هيس هڪ مشڪوڪ انداز ۾ اونداهي ۾ بيٺل هئي ڪار ۾ هڪ وسيم شھزاد ۽ هڪ ڇوڪري ويٺل هئي ڪار سوار نوجوان چيو ته منهنجو پيءُ سيڪريٽري آهي تنهنجي ڪهڙي اوقات آهي جو منهنجي گاڏي چيڪ ڪندي جنهن کانپوءِ گاريون ڏيندو هليو ويو ۽ گاڏي واپس ڪندي تيز رفتار سان ٽڪر هڻي هنيو جنهن دوران مان بيهوش ٿي ويس 4 ڏينهن کانپوءِ هوش آيو منهنجون ٻئي ٽنگون ۽ هٿ ڀڳل آهن مون کي خبر پئي ته جوابدار کي ٿاڻي تي وٺي آيا پر وقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي، ايس ايس پي سائوٿ ساجد امير سدوزئي چارج وٺندي ئي بااثر جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي سائوٿ ساجد امير سدوزئي جو چوڻ آهي ته زخمي پوليس اهلڪار اسپتال ۾ علاج هيٺ آھي جوابدار خلاف ارادي قتل ۽ ٻين سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدار جي گرفتاري لاءِ 3 جڳهن تي ڇاپا هنيا ويا آهن جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.