ن ليگ آفيس ساڙڻ وارو ڪيس، صنم جاويد جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور (م ڊ ) لاهور جي سيشن ڪورٽ مسلم ليگ ن جي آفيس ساڙڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ سيشن جج قيصر نذير بٽ ڊيوٽي  جج طور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پوليس جوابدار صنم جاويد جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. واضح رهي ته صنم جاويد خلاف مسلم ليگ ن جي آفيس کي ساڙڻ جو ڪيس ماڊل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

چاهت فتح علي خان جو سياست ۾ اچڻ جو خواب ڀورا ڀورا، ڪاغذ رد

پنهنجي انوکي ڳائڻ سبب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ چاهت فتح علي خان جو سياست ۾ اچڻ جو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن ۾ سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي هن سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو جاري ڪئي ۽ اليڪشن  ڪميشن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي گذارش ڪئي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي.جيڪي ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ته جيئن اهي به اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهن.سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام شيئر ڪندي چشت فتح علي خان رٽرننگ آفيسر جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ منهنجي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، رٽرننگ آفيسر ٻٽي شهريت جي بنياد تي منهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، جڏهن ته پاڪستان جي آئين ۾ چيو ويو آهي ته عام شهري کي ٻٽي شهريت هجي ته پوءِ کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان هن چيو ته اسان هر مهيني ڪروڙين رپيا پاڪستان موڪليون ٿا، جنهن سان ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، تنهن ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙن لاءِ خاص قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن اهي چونڊن ۾ حصو وٺي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهن.

اليڪشن ٽربيونل ۾ فارم رد ٿيڻ خلاف ڪيتريون ئي اپيلون داخل

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ۾ رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ٿيون، جيڪي اڄ هلنديون، اليڪشن ٽربيونل ۾ 18 کان وڌيڪ درخواستون داخل ڪيون ويون، اين اي  247 ۽ 250 تي اميدوار تابش توفيق ،اين اي  233تي تحريڪ انصاف جي سبحان علي ساحل، پي ايس 88 تي راهه حق پارٽي جي  مولانا اورنگزيب فاروقي، پي ايس 108تي آزاد اميدوار شهناز، اين اي 241تي تحريڪ انصاف جي مزمل اسلم ۽ ٻين اپيلون داخل ڪرايون. اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس ارشد حسين خان اي اين پي جي اين اي 235 جي اميدوار شازيه مروت جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي 4جنوري جا نوٽس جاري ڪري ڇڏيا.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو جمشيد دستي جي گهر ڇاپي جي ناهي: ذريعا

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻ جمشيد دستي جي گهر تي مبينا ڇاپي جا سي سي ٽي وي فٽيجز سوشل ميڊيا تي هليا، ذريعن موجب اهي سي سي ٽي وي فٽيجز غلط آهن، ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو جمشيد دستي جي ظفر ڪالوني ۾ واقع گهر تي ڇاپي جي ناهي، ذريعن  موجب وائرل وڊيو جمشيد دستي جي دوست جي گهر بهاري ڪالوني جي آهي، وڊيو جمشيد دستي جي دوست پوليس اهلڪار مجاهد جي گهر تي ڇاپي جي آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن ۾ 4 جوابدار زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائي ڪندي پوليس مقابلن ۾ 4 زخمي ڦورن کي گرفتر ڪندي ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي پوليس مطابق ماڊل ڪالوني ڀرسان نشتر پارڪ ڀرسان پوليس جي مقابلي جي دوران پوليس  جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار ارسلان ولد محمد ابراھيم کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. اورنگي ٽائون ٿاڻي جي پوليس موجب اورنگي ٽائون جي علائقي علي ڳڙ موڙ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار عدنان ولد افضل ۽ ڪاشف جاويد ولد جاويد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پستو ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي.ڪورنگي صنعتي ايريا ٿاڻي جي پوليس مطابق ڪورنگي جي علائقي چمڙا چورنگي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار آصف ولد لعل محمد کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.