پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان سميت هر معاملي ۾ رليف ملي رهيو آهي: اعظم نذير

حافظ آباد (م ڊ ) قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي چونڊ نشان کان وٺي هر معاملي ۾ عدالتن مان رليف ملي رهيو آهي ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته موڪل واري ڏينهن به پشاور هاءِ ڪورٽ سندس حمايت ۾ فيصلو ڏنو آهي، فيصلا سندن حق ۾ اچي رهيا آهن ۽ هاڻي خبر ناهي هو ڪهڙي قسم جي ليول پلئينگ فيلڊ چاهين ٿا. حافظ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تاحيات نااهلي ڪيس جي بينچ رڳو نواز شريف جي لاءِ قائم ناهي ڪئي وئي، اميدوارن جي تاحيات نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جو سٺو قدم آهي، تاحيات نااهلي واري فيصلي ۾ ترميم سان نه رڳو نواز شريف پر 100 جي لڳ ڀڳ پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪيترن ئي نون اسيمبلي ميمبرن کي به فائدو ملندو. هن چيو ته ماضي ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت مان جيڪي فيصلا آيا، عوام جي سامهون آهن، پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي نااهلي جو قرض شهباز شريف پنهنجي 16 مهينن جي دور ۾ لاهي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.