لاهور (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن جي اهم سينيئر اڳواڻ اڳوڻي صوبائي وزير چوڌري غفور پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ڇڏيو صحافي امداد سومري موجب چوڌري غفور وڏو عرصو ن ليگ سان سلهاڙيل هيو ۽ شريف خاندان جي انتهائي ويجهو رهيو. ن ليگ حڪومت ۾ جيلن بابت صوبائي وزير به رهيو. سندس رهائش به رائيونڊ جي علائقي ۾ شريف خاندان جي ڀر ۾ آهي، چوڌري غفور موجب سڀاڻي رائيونڊ ۾ جلسو ٿيندو. جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪندو. ان موقعي تي هو باضابطا پيپلز پارٽيءَ ۾ دوستن، حامين ۽ خاندان سميت شموليت جو اعلان ڪندو.