ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 4 ڄڻا قتل، 3 زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ ھڪ لاش ملڻ سميت چار ڄڻا قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد سپر ھاءِ وي جي ڀرسان جنجال ڳوٺ پختون چوڪ جي ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 ورھين جو امين زادا ولد امير شاھ قتل ٿي ويو،  مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي علائقي مائي مياني مزار جي ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ 45 سالن جو عبدالڪريم ولد ولي محمد قتل ٿي ويو، ڪياماڙي جي علائقي چارنل روڊ تي قباءِ مسجد جي ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ثناءُ الله ولد امتياز گل مارجي ويو. ڪينٽ ريلوي اسٽيشن وٽان ريل جي گاڏي مان اڻڄاتل 35 سالن جي نوجوان جو لاش مليو، ماڙيپور جي علائقي مڇر ڪالوني پل جي ڀرسان فائرنگ ۾ مبارڪ علي ولد منظور علي زخمي ٿيو، اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ ايف پي پروجيڪٽ جي اندر ڊيوٽي تي مقرر سيڪورٽي گارڊ  رضا ولد محرم خان پنهنجي اتفاقيا گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيو. فيروز آباد جي علائقي شھيد ملت روڊ ڀرسان چگٽي اسپتال جي ڀرسان فائرنگ ۾ ارباز ولد غلام عباس زخمي ٿيو.

شيخ رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي تڪ اين اي 56 تان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي جي اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل  ۾ شيخ رشيد جي اپيل تي جسٽس مرزا وقاص رئوف ٻڌڻي ڪئي شيخ رشيد طرفان سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ چيو ته شيخ رشيد تي الزام آهي ته  هن فاريسٽ ريسٽ هائوس مري ۾ قيام ڪيو جنهن جا پئسا رهيل آهن حالانڪه شيخ رشيد انهي ريسٽ هائوس ۾ ڪڏهن به ناهي ترسيو، ڪوڙا بل ٺاهي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيو الزام آهي ته هن  پنهنجي ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي. اهو الزام به بي بنياد آهي،  روينيو رڪارڊ ۾ ٽمپرنگ ڪري هڪ جعلي ماڻهو تيار ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت اپيل ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي 4 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ڪراچي،رينجرز ۽ ايس آءِ يو جي ڪارروائي، بلڊر کان  ڀتو گهرندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ ايس آءِ يو گڏيل ڪارروائي دوران جديد ٽيڪنيڪل وسيلا استعمال ڪندي ڪراچي جي علائقي مريد ڳوٺ لياقت آباد مان لياري گينگ وار ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار  انيس آفتاب بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو ،4 مئي 2023 تي جوابدار پنهنجي ساٿي حسن سان گڏجي ڪراچي جي هڪ بلڊر کي مختلف موبائيل نمبرن تان فون ڪري هڪ لک رپيا ڀتو طلب ڪيو. جوابدار لياري گينگ وار جو سرگرم ڪارڪن ۽ سليم چاڪليٽي ۽ محمد عظيم عرف عظيم چاڪليٽي جو ويجھو ساٿي آهي، جوابدار جي ساٿي حسن کي ايس آءِ يو ڪارروائي دوران گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ، گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي .

روانگي واپار  22 سيڪڙو اضافي سان 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو

ڪراچي (م ڊ) واپار واري نگران وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته الحمدالله ڊسمبر 2023ع ۾ برآمدات 22 سيڪڙو اضافي سان 2.8 بلين ڊالر، جڏهن ته   ڊسمبر 2023ع ۾ درآمدات 12 سيڪڙو گهٽ ٿي 4.5 بلين ڊالر تائين پهتي، پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته جولائي کان ڊسمبر 2023ع جي مدت جي لاءِ برآمدات 5 سيڪڙو اضافي سان گڏ 14.981 بلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته جولائي کان ڊسمبر 2023ع جي لاءِ درآمدات 16 سيڪڙو گهٽتائي سان گڏ 26.129 بلين ڊالر تائين پهچي وئي، هن چيو ته جولائي ڊسمبر 2023 ۾ واپاري خسارو 34 سيڪڙو گهٽ ٿي 11.148 ڊالر (5.817 بلين ڊالر گهٽ ٿي ويو) آهي.

لياري گينگ وار جي ڪمانڊر حسن علي جا جاچ دوران اهم انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) لياري گينگ وار جي ڪمانڊر حسن علي جاچ دوران پوليس آڏو اهم انڪشاف ڪيا آهن. ايس ايس پي سٽي ڊسٽرڪٽ امجد حيات موجب گذريل ڏينهن مقابلي بعد جوابدار کي زخمي حالت  ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار لياري گينگ وار جو انتهائي گهربل ۽ وحشي دهشتگرد هو، امجد حيات چيو ته جوابدارن ڪيترائي ٽارچر سيل ٺاهي خوف ۽ حراس پکيڙيو هو، حسن علي 25 کان وڌيڪ سنگين واقعن ۾ ملوث آهي، هو ڀتا خوري لاءِ ڇوڪرن جو گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ايس ايس پي سٽي موجب، جوابدار واپارين ۽ بلڊرز کان ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهيو هو ۽ 2009 ۾ ساٿين سان گڏ ڪلاڪوٽ پوليس لائنز تي حملو ڪيو هو، پوليس موجب گرفتار جوابدار ارشد پپو، ياسر عرفات ۽ شيرا پٺاڻ جي قتل ڪيس ۾ به ملوث آهي، هن ڪڇي رابطا ڪميٽي جي ماڻهن کي به قتل ڪيو، سندس ساٿي بابا لاڊلا، جبار لنگڙا ۽ شيراز ڪامريڊ مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.