15 هزار خواجا سرا ووٽر لسٽن ۾ ناهن، نوٽيس ورتو وڃي:شهزادي راءِ

ڪراچي (رپورٽر) معاشري اندر صنفي فرق ۽رياست پاران نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ صوبي ۾ کدڙن فقيرن جي ڪميونٽي پاران چونڊن ۾ ڪوبه  اميدوار نامزد ناھي ڪيو ويو، مرد ۽ عورت وانگر کدڙا فقير به بھتر حڪومت ڪري سگھن ٿا، سمورين سياسي پارٽين ٽرانس جينڊر ڪميونٽيکي هڪ به مخصوص سيٽ به نه  ڏني آهي ، جنھن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، جينڊر انٽريڪٽو لائز جي سهڪار سان خواجا سرائن جي اڳواڻن بنديا رانا، شھزادي راءِ، ڊاڪٽر محراب اعواڻ، آر اڌيا خان، زھريش خانزادي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته رياست پاران ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي پاڪستان جو شھري تصور ئي نھ ٿو ڪيو وڃي،شهزادي راءِ چيو ته 15 هزار خواجا سرا ووٽر لسٽن ۾ نه آهن،  ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي پيچيدگيون پيدا ڪيون ويون آھن، جنھن ڪري خواجا سرا چونڊن ۾ حصو نھ ٿا وٺي سگھن، پر پولنگ اسٽيشن تي عورت توڙي مرد جي پولنگ بوٿ تي ووٽ بھ نھ ٿا ڏئي سگھن، ڇاڪاڻ تھ مرد توڙي عورت خواجا سرائن جي تذليل ڪن ٿا، اسان جا جائز مسئلا حل ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪري، مايوسي ختم ڪئي وڃي، نھ تھ تمام وڏي احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.