جيڪڏهن 2002ع ۾ قائدِ اعظم هجي ها ته اِهو به نااهل ٿي وڃي ها: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) وفاق ۽ چئني صوبن جي نگران حڪومتن نااهلي جو مدو 5 سال ڪرڻ واري قانونسازي جي حمايت ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن جي ايڊوڪيٽ جنرلز تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران نااهلي  5 سال ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني بئنچ جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان لائيو نشر ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته درخواست گذارن مان تاحيات نااهلي ڪيس جي ڪير ڪير حمايت ڪري ٿو؟.درخواست گذار ثناءُ الله بلوچ، ايڊوڪيٽ خرم رضا ۽ عثمان ڪريم تاحيات نااهلي جي حمايت ڪئي، اٽارني جنرل چيو ته مان اليڪشن ايڪٽ ۾ ڏنل نااهلي جي مدي جي حمايت ڪيان ٿو. عدالت سميع الله بلوچ جي ڪيس تي نظرثاني ڪري، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جي سزا کي 5 سال ڪرڻ واري قانونسازي جي حمايت ڪيون ٿا، نوازشريف جي تاحيات نااهلي واري فيصلي تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي. مير بادشاهه قيصراڻي خلاف درخواست گذار جي وڪيل ثاقب جيلاني به تاحيات نااهلي جي مخالفت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس جي سوال ڪرڻ تي چئني صوبن جي ايڊوڪيٽ جنرلز به اٽارني جنرل جي موقف جي تائيد ڪئي، نااهلي اليڪشن ايڪٽ تحت ٿيڻ جي صورت ۾ نواز شريف ۽ جهانگير ترين به اهل ٿي ويندا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اسان ته گنهگار آهيون ۽ الله کان معافي گهرون ٿا، آرٽيڪل 62 ۾ نااهلي جو مدو لکيل ناهي پر اِها عدالت ڏني، اٽارني جنرل چيو ته جيستائين عدالتي فيصلو موجود آهي تاحيات نااهلي ڊڪليئريشن پنهنجي جڳهه قائم آهي.تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته چونڊ وڙهڻ لاءِ جيڪا اهليت بيان ڪئي وئي آهي ان تي ته قائد اعظم به پورو نه لهي سگهي ها. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن 2002ع ۾ قائدِ اعظم هجي ها ته اِهو به نااهل ٿي ها، هڪ مسلمان صادق ۽ امين جا لفظ آخري نبيءَ کانسواءِ ڪنهن لاءِ استعمال ئي نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وڃان ۽ ڪير اعتراض واري ته هي سٺي ساک رکندڙ ناهي ته اِها ڳالهه تسليم ڪندس، اسان گنهگار آهيون انڪري جڏهن ڪير مرندو آهي ته ان جي مغفرت لاءِ دعا ڪندا آهيون. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آرٽيڪل 62 ۾ اهي شقون ڪڏهن شامل ڪيون ويون؟ وڪيل مخدوم علي خان چيو ته آرٽيڪل 62 پاڪستان 73 واري آئين ۾ سادو هو، ان ۾ واڌو شقون صدارتي ايوارڊ 1985 کان شامل ٿيون. چيف جسٽس چيو ته يعنيٰ اهي ضياءُالحق ڪردار بابت شقون شامل ڪرايون، هن سوال اٿاريو ته ڇا ضياءُالحق جو پنهنجو ڪردار چڱو هو؟ ظلم ته اهو آهي ته آئين جي تحفظ جو قسم کڻي آيل پاڻ آئين ٽوڙيو ۽ پوءِ ترميمون ڪرايون. هن وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ججز کي گهر موڪليندڙ، آئين ٽوڙيندڙ سٺو ڪردار ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ضياءُالحق کي سڀ معافي آهي؟ وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ضياءُالحق بابت ته فيصلو آخرت ۾ ٿيندو، جنهن تي چيف جسٽس سوال اٿاريو ته آئين ٽوڙيندڙ کي سزا آخرت ۾ ٿيندي؟ آخرت جي ڏهاڙي کان ته وڏا عالم ڊڄندا آهن. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئين ۾ هر سزا جو مُدو آهي ته تاحيات نااهلي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو سزا ڪاٽڻ کانپوءِ به ڪڏهن چونڊون نه وڙهي سگهندو. جسٽس جمال مندوخيل پُڇيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ نااهلي جو مُدو ڪٿي لکيل آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو سوال هي آهي ته ڇا ذيلي قانونسازي سان آئين ۾ ڦيرڦار ممڪن آهي؟ قتل ۽ غداري جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ڪجهه عرصي کانپوءِ چونڊ وڙهي سگهجي ٿي، پر معمولي سببن تي تاحيات نااهلي غيرمناسب نٿي لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.