چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت مولانا جي تجويز سان اتفاق نٿا ڪيون: امير حيدرهوتي

مردان ( م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي مرڪزي سينيئر نائب صدر امير حيدر خان هوتي چيو آهي ته هو چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت فضل الرحمان جي تجويز سان متفق نه آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان ۾ اي اين  پي ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. امير حيدر هوتي چيو ته 8 فيبروري جون چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهن. پرامن ماحول ۾ چونڊون ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته 2013 ۾ اسان کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. ماڻهو مهم هلائي رهيا هئا ۽ اسان پنهنجن پيارن جا جنازا کڻي رهيا هئاسين. اي اين پي اڳواڻ چيو ته هن ڀيري ڀوتارن جو ووٽ سندن باڪس ۾ نه پوندو، فيصلو عوام جو هوندو. عوام جو فيصلو هر صورت ۾ قبول ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.