ٽنڊو محمد خان ۾ جوابدارن درويش نوجوان کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ۾ نوجوان درويش صفت عبدالقادر سومرو عرف ماما کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، درگاھ سمن شاھ ڀرسان وحشي جوابدارن درويش صفت الله لوڪ عبدالقادر  سومرو عرف ماما کي زرعي زمين تي ڪهاڙين جا ڪيترائي وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، سٽي ٿاڻي جي پوليس اطلاع ملڻ تي لاش کڻائي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش کي پهرين مرده خاني ۾ رکيو ويو، لاش جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن ڪهاڙين جي ڪيترن ئي وارن جي تصديق ڪئي ته جسم ۽ گلي تي نشان موجود هئا ، لاش جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ليبارٽري جي ٽيسٽ بعد ظاهر ڪئي ويندي، پوليس جو چوڻ آهي ته لاواث حالت ۾ لاش ملڻ کانپوءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي ، وارث جيڪا به ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا ته داخل ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪا به گرفتاري نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.