هن وقت تائين 5 لک کان وڌيڪ غيرقانوني پناهگير واپس ويا: گهرو وزارت

ڪراچي (م ڊ) گهرو وزارت سينيٽ ۾ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته غيرقانوني پناهگيرن خلاف حڪومت ملڪ بدري واري مهم تحت هن وقت  تائين 5 لک کان وڌيڪ غيرقانوني پناهگيرن کي واپس موڪليو ويو آهي، سينيٽ ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ گهرو وزارت ملڪ بدر ٿيندڙن جي وضاحت جاري ڪئي،  سينيٽر محسن عزيز طرفان غيرقانوني پرڏيهين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هي جواب جمع ڪرايو ويو، گهرو وزارت چيو ته ملڪ ۾ تقريبن 17 لک غيرقانوني پناهگير رهي رهيا آهن جن ۾ اڪثريت افغانين جي آهي، انهن وٽ ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ ضروري قانوني دستاويز موجود ناهن، ڪابينا طرفان غيرقانوني پرڏيهين جي ملڪ بدري جي منصوبي جي منظوري بعد 5 لک 41 هزار 210 ماڻهن کي واپس موڪليو ويو آهي، ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ملڪ بدر ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، 2 لک 71 هزار 985 ماڻهن کي ڪي پي ڪي ۽ هڪ لک 59 هزار 161 کي بلوچستان جي رستي وطن واپس موڪليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.