ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول اسپتال ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 27 ورهين جي امتياز علي جي فوت ٿيڻ تي سيشن ڪورٽ پاران هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊاڪٽرن تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ واري فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت ٽراما سينٽر، ڊاڪٽرن، هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کي 24 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو، فوتي جي وارثن جو مطالبو آهي ته سيشن ڪورٽ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم بحال ڪيو وڃي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته امتياز علي کي 3 جولاءِ 2007 تي ٽراما سينٽر سول اسپتال ڪراچي ۾ علاج لاءِ آندو ويو، ڊاڪٽرن دماغ جو آپريشن ڪيو پر امتياز علي سار سنڀال نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن جي غفلت تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. جاچ کانپوءِ ڪميشن درخواستگذار ڊاڪٽر عادل کتري، ڊاڪٽر عمران جاويد ۽ ٻين تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو هو، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اسپتال جي بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي به نشاندهي ڪئي هئي، سيشن عدالت ڊاڪٽرز ۽ وڪيل جي درخواست تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم بحال ڪري ان تي عمل ڪيو وڃي.