ڪراچي ۾ واپاري کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ گهرندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي عزيز آباد پوليس واپاري کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس  اختيارين موجب گرفتار جوابدارن کي ٽيڪنيڪل ۽  انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي بعد گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن واپاري جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي هئي. جوابدار عزيز آباد جي حد ۾ ڊائنگ فيڪٽري جي مالڪ عمر ضياءُ الدين کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو، ڀتو گهرن کان اڳ جوابدارن 27 ڊسمبر تي جوابدارن واپاري جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي هئي ۽ 28 ڊسمبر تي فون ڪري چيو ته فائرنگ اسان ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي پنهنجي جان پياري آهي ته 2 ڪروڙ رپيا ڀتو ڏيو . واپاري جي بروقت اطلاع تي عزيز آباد پوليس عزيز آباد ٿاڻي ۾ ٽيليگراف ايڪٽ جي قلم 384، 385 ۽  861/2023 تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٽيڪنيڪل ۽ هيومن انٽيليجنس جي بنياد تي پوليس ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن محمد عامر ولد غلام قاسم، فدا حسين ولد غلام نازڪ ۽ محمد حاجي ولد محمد رفيق کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي واپاري کان ڀتا طلب ڪري رهيا هئا، جن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيا ويا. سندن قبضي مان ڀتا خوري لاءِ استعمال ٿيندڙ 3 مختلف اسمارٽ فونز پڻ هٿ ڪيا ويا. پوليس اختيارين موجب، گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته جوابدار محمد عامر جي ماءُ ۽ ڀيڻ واپاري جي گهر ۾ ڪم ڪنديون هيون، جتان هنن واپاري جي باري ۾ معلومات گڏ ڪئي، گرفتار ٽنهي جوابدارن جو تعلق رحيم يار خان فتح پور سان آهي جوابدار پهرين ڪڏهن به گرفتار نه ٿيا آهن فدا ۽ حاجي واپاريءَ جي ريڪي ڪئي  ۽ واپاري کي ڊيڄارڻ لاءِ فائرنگ ڪئي. گرفتار جوابدار صغير نالي شخص جي نالي تي رجسٽرڊ 3 سمز استعمال ڪري ڀتو طلب ڪيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.