جاپان ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 55 ٿي ويو

ٽوڪيو ( م ڊ ) جاپان ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 55 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي وزيراعظم فوميو  ڪيشيدا نئين سال جي پهرين ڏينهن تي آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. جاپاني وزيراعظم چيو ته وچ جاپان جي ساحلي علائقي ۾ زلزلي سبب ٿيل تباهي وڏي پئماني تي ٿي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ جاني نقصان به ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب روڊن کي نقصان پهتو آهي، امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان ۾ گذريل ڏينهن آيل زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي، جنهن کي هاڻي واپس ورتو ويو آهي، پر انسوزو جي ساحلي علائقي ۾ زلزلي سبب هڪ هزار جي لڳ ڀڳ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، انسوزو جي ميئر جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي. علائقي کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.