ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان خلاف ڳالهائيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. 40 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهي هتان هليا ويا آهن، جڏهن ته 58 هزار اڃا تائين موجود آهن پر انهن جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي ۽ اسان هڪ سروي ذريعي اها ڊيٽا گڏ ڪئي آهي، ڏهه سال اڳ ڪراچي دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ 11هين نمبر تي هو. ھلندڙ سال 126 نمبر تي آهي. گذريل 10 سالن ۾ 688 پوليس اهلڪارن شهادتون ڏنيون آهن، قتل جي 86 سيڪڙو ڪيسن بابت جاچ ڪئي وئي آھي، اڪثر ٿيل قتل وارين وارداتن ۾ ٻاھريان ماڻھو ملوث آهن، ڪچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو پيو وڃي. هٿياربندن کي پڪڙيو ويو آھي، جان محمد مهر جو قاتل گرفتار ٿيڻ وارو هو ته کيس چيو ويو ته توکي پڪڙي مارينداسين، جنھن تي هو فرار ٿي ويو پر پوليس سندس پٺيان لڳي پئي آهي. پوليس جي شڪايتن جي رڳو وڊيو اسان کي موڪليو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي اھڙيون ڳالھيون سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ راجا رفعت مختار ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيون. آءِ جي سنڌ چيو تھ نئين سال جي موقعي تي پوليس ۽ انتظاميا شهراندر امن، امان واري صورتحال کي ضابطي ھيٺ رکيو ۽ چڱي طرح سان حالتن کي ڪنٽرول ڪيو. جيتوڻيڪ پوليس وٽ وسيلا تمام گهٽ آهن، ان جي باوجود پوليس ڪم ڪري رهي آهي. ھن چيو تھ گذريل سال دهشتگردي جا ٽي وڏا واقعا ٿيا، جن ۾ ڪي پي او آفيس تي دهشتگردي جو واقعو به شامل آهي. ڀنگ لاءِ اغوا جا وڏا ڪيس سامهون آيا، اسٽريٽ ڪرائيم وارن ڏوھن ۾ مارجي ويل يا زخمي ٿيل ماڻهن جي تعداد ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي چيو تھ موبائل فون جو آءِ ايم اِي آءِ نمبر تبديل ڪندڙ ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ غير قانوني پرڏيهين خلاف آپريشن ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آھي. هن چيو ته هاڻي چوريءَ جا ڪي به ڪيس ناهن، جڏھن تھ غير قانوني موجود پرڏيهي ڦرلٽ ۾ ملوث آهن. ھن چيو تھ سماج دشمنن ۽ ڏوھارين خلاف پوليس مقابلا ۽ گرفتاريون عروج تي آهن، ڏوھن ۾ گھربل جوابدار ڊيٽونيٽرز سميت پڪڙيا ويا آھن. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا، ڊي آءِ جي ايسٽ ڪيپٽن (ر) غلام اظفر مهيسر، ڊي آءِ جي سينٽرل عاصم قائم خاني پڻ موجود هئا. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته نگران حڪومت غير جانبدار آهي، اسان عوام جي حفاظت لاءِ آهيون، جيڪڏهن ڪنهن کي سياسي مداخلت جي شڪايت آهي ته اھو پوليس سان رابطو ڪري سگھي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته جيڪو به شخص اعليٰ اختيارين سان واسطو رکندڙ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو اهو ضروري ناهي ته درست هجي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته ڏوهن جي ڊيٽا جي حوالي سان ڏوهن وارين وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، واپاري جي قتل جي جاچ ٿي رھي آھي، تازو هڪ ڀتا خور گرفتار ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪي به آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن انهن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ انهن جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو پيو وڃي.