صنم جاويد جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ

لاهور (م ڊ) سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي،لاهور جي سيشن عدالت ۾ صنم جاويد خلاف نواز ليگ جي آفيس کي  باهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ پوليس ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي صنم جاويد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.ماڊل ٽائون ٿاڻي جي پوليس عدالت کي چيو ته صنم جاويد کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ان جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.صنم جاويد جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي، عدالت پوليس جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪيو، ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي صنم جاويد جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي

نيب سزا يافته جي 10 سالن جي نااهلي بحال ڪريو:نيب جي درخواست

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) سزا يافته ماڻهن جي چونڊ وڙهڻ واري معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪيو وڃي ۽ اليڪشن وڙهڻ لاءِ نيب جي جوابدار جي 10 سالن جي نااهلي واري مدي کي بحال ڪيو وڃي، نيب جو موقف آهي ته نيب جي سزا يافته ماڻهن کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي جو حوالو ڏنو پيو وڃي.نيب جو چوڻ آهي ته جون ۾ سنگل بينچ نيب جي نااهلي جو مدو گهٽائي 10 بدران 5 سال ڪري ڇڏيو هو، سنگل بينچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي، سنگل بينچ جي فيصلي کي اليڪشن وڙهڻ جو حوالو ڏنو پيو وڃي.نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ سنگل بينچ جو فيصلو فوري طور تي معطل ڪيو وڃي.

سنڌ روينيو بورڊ جي اوڳاڙين ۾ 22 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ روينيو بورڊ ڊسمبر 2023ع دوران 22 سيڪڙو واڌ سان 21.3 ارب رپيا اوڳاڙيا جڏهن ته ڊسمبر 2022ع ۾ 17.5 ارب رپيا اوڳاڙيا ويا هئا. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ڊسمبر 2022ع ۾ 17.5 ارب رپين جي ڀيٽ ڊسمبر 2023ع دوران سنڌ روينيو بورڊ 21.3 ارب رپين جو رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو جنهن سان 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. گذريل مالي سال 23-2022 جي پهرين ڇهن مهينن جي 80.2 ارب جي ڀيٽ مالي سال 24-2023 جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 108.6 ارب رپيا رپيا گڏ ڪيا. سخت معاشي حالتن ۾ آمدني ۾ 35 سيڪڙو اضافو مالي بهتري لاءِ سٺو آهي. وڏي وزير چيو ته ڊسمبر 2023ع دوران روينيو ۾ غير معمولي واڌ ايس آر بي ٽيڪس ادا ڪندڙن جي مسلسل اعتماد ۽ تعاون ۽ ايس آر بي آفيسرن ۽ اسٽاف جي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. سنڌ روينيو بورڊ، گهٽ معاشي ترقي ۽ سرگرمين ۽ غير مستحڪم ٽيڪس بنيادن باوجود 24-2023 لاءِ 235 ارب رپين جو مقرر ڪيل روينيو هدف حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.

نئين سال جي شروعات سان ئي اسرائيل جي غزا تي بمباري، ڪيترائي فلسطيني شهيد

غزا(م  ڊ) اسرائيلي فورسز نئين سال جي شروعات سان ئي غزا تي بم وسائي ڇڏيا، نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا موجب فلسطينين کي سال  2023 ۾ جتي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، اُتي نئين سال جي پهرين ڏينهن به اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري تباهي مچائي ڇڏي، اسرائيلي فورسز جي رات جو دير سان زيتون ضلعي ۾ شيلنگ جي ڪري ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي فوج غزه ۾ مغازي ڪيمپ جي هڪ گهر تي ڊرون به ڪيرايو، نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي عام شهري زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي نئين سال جي شروعات تي رام الله ۾ فلسطينين اسرائيلي جارحيت ۾ شهيد ٿيندڙن کي ياد ڪري احتجاج ڪيو.

فيض آباد ڌرڻو ڪميشن شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) فيض آباد ڌرڻو ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب فيض آباد ڌرڻي ڪميشن شهباز شريف کي 3 جنوي  تي بيان قلمبند ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. شهباز شريف کي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي حيثيت سان ڪميشن ۾ طلب ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ 2017 ۾ تحريڪ لبيڪ جي فيض آباد ڌرڻي وقت شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو. گذريل سال نومبر ۾ نگران حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۽ ذميوارن کي ڳولڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو هو.ياد رهي ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي رپورٽ 22 جنوري تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي ان کان اڳ ڪميشن اڳوڻي وزير احسن اقبال، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاان عباسي کي به طلب ڪيو هو جڏهن ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد ڪميشن ۾ طلب ڪرڻ جي باوجود پيش نه ٿيو جنهن تي کيس ٻيون نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.