پيرجوڳوٺ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب پيرسن قتل، 2 پٽ زخمي

ڪنگري/ پريالوءِ (نمائندن وٽان) پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ گاگڙي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ پيرسن قربان علي سولنگي موقعي تي ئي مارجي ويو، / مقتول جا 2 پٽ جنيد سولنگي ۽ احسان سولنگي سخت زخمي ٿي پيا، وڏا ماڇيون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول پيرسن جو لاش پنهنجي ۾ وٺي ڇڏيو، مقتول جي ڀائٽي سر فرار سولنگي ٻڌايو ته پنهنجي برادري جي عبدالفتاح سولنگي سان گهرو معاملو هلندڙ هو جيڪو پٽن سميت گهر تي چڙهائي ڪري لٺين، ڪهاڙين سان حملو ڪيو جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پيرسن چاچو قربان علي سولنگي مارجي ويو، وڏا ماڇيون ٿاڻي تي عبدالفتاح سولنگي سميت ٽن ڄڻن جوابدارن تي داخل ڪرائي ڇڏي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جيڪي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.