نئون سال جنرل باجوا ۽ فيض حميد لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو !

لاهور (عوامي آواز نيوز) سال 23-2022ع ۾ جيڪي ڪردارطاقتور هئا ۽ عمران پراجيڪٽ جا اصل بانيڪار هئا، انهن لاءِ سال 2024ع ڳرو ثابت ٿيندو. جڏهن ته گذريل 2 سال عوام لاءِ ڳرا ثابت ٿيا آهن.

نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته منهنجو اشارو جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ فيض حميد ڏانهن آهي، جنرل (ر)  فيض حميد کي فيض آباد ڌرڻي بابت  جاچ ڪميشن نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، جنهن ڪري شديد پريشان آهي. جنرل باجوه جي نگراني ان حد تائين سخت آهي جو هڪ جنرل جي پٽ جي وليمي ۾ دعوت باجوه شرڪت نه ڪري سگهيو. جڏهن ته نئين سال لاءِ چشمو وٺڻ پيو چاهي پر مارڪيٽ وڃڻ جي کيس اجازت نه ملي.

ان کان اڳ جنرل (ر)  باجوه هڪ اينڪر کي پنهنجي رهائشگاهه تي گهرايو هو پر ان اينڪر کي به اداري جي ڪجهه جوانن پهچي نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي ان خبر جي ترديد ڪئي وئي پر آخرڪار سچ ثابت ٿي ان ڪري اهو چوڻ ۾ هرج نه آهي ته نئون سال جنرل(ر) باجوه  ۽ فيض حميد لاءِ ڳرو ثابت ٿي رهيو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف کان قرض قسط ملڻ سان شايد عوام کي به ڪجهه رليف ملي وڃي.

جڏهن ته نئين اسٽيبلشمينٽ پنهنجا پير پختا ڪري ورتا آهن ۽ عمران پراجيڪٽ جونيٽ ورڪ تيزيءَ سان ڇڙوڇڙ ٿي رهيو آهي جيڪو بظاهر نظر نٿو اچي پر پس منظر ۾ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزااني عوامي آواز اڱارو ٻه جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.