ليول پليئنگ فيلڊ ناهي، صاف ۽ شفاف چونڊن تي سوال اٿي رهيا آهن: ايڇ آر سي پي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي شريڪ چيئرمين منيزي جهانگير جو چوڻ آهي ته جمهوري پاڪستان جي قيام لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن، پر موجوده صورتحال ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن تي سواليه نشان پيدا ٿي ويا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منيزي جهانگير چيو ته ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي  خراب آهي، سياسي شخصيتن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ ڪاغذ صحيح قرار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته جمهوري پاڪستان جي قيام لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن، پر موجوده صورتحال ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن تي سواليه نشان آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس انتهائي سنگين آهي، گم ٿيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته جمهوريت کانسواءِ انساني حقن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي، ليول پليئنگ فيلڊ کان محروم ڪيو پيو وڃي، لڳي ٿو چونڊن ۾ انجنيئرنگ ڪئي ويندي، سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ حاصل هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.