ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شيعا علماءَ ڪائونسل پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه شبير حسين ميثمي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان ۽ نيئر بخاري سان ملاقات ڪئي آهي.
شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه شبير حسين ميثمي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان ۽ نيئر بخاري سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران عام چونڊن جي بابت تفصيلي ڳالهه ٻول ٿي ۽ ان دوران چونڊون گڏجي وڙهڻ جي حوالي سان امڪانن جو جائزو ورتو ويو .
اسلامي تحريڪ پاڪستان جي سياسي سيل جي انچارج علامه شبير حسين ميثمي پنهنجا مطالبا ۽ تجويزون پ پ اڳواڻن آڏو پيش ڪيون .
ان موقعي تي علامه شبير حسين ميثمي چيو ته جلد قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه ساجد علي نقوي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات جو به امڪان آهي.
ملاقات ۾ ڳوڻو وفاقي وزير اسلامڪ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جو چيئرمين منير حسين گيلاني ۽ زاهد علي اخوانزادا به شريڪ ٿيو.