ڪراچيءَ ۾ تحريڪ لبيڪ اڳ کان وڌيڪ مضبوط

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) عام چونڊن بابت ڪراچيءَ جي عوام جو لاڙو معلوم ڪرڻ لاءِ ” سٽي نيوز ون“  سوشل ميڊيا تي سروي ڪرائي آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي اٽڪل 15 هزار شهرين حصو ورتو.

نامياري تجزئي نگار انيس منصوري موجب ان سروي حيران ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته 15 هزار شهرين مان اڪثريت تحريڪ  لبيڪ، ٻئي نمبر تي ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ٽئين نمبر تي پي ٽي آءِ  جي حق ۾ راءِ ڏني آهي. ظاهر آهي هيءَ  سروي  حتمي نه آهي ڇو ته ڪراچي شهر جي آبادي ڪروڙن ۾ آهي، ان ڪري 15 هزار شهرين جي راءِ کي حتمي چئي نٿو سگهجي.

سروي ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان  چوٿين ۽ آفاق احمد پنجين نمبر تي آهي. جماعت اسلامي ڇهين نمبر تي جڏهن ته پ پ ۽ اي اين پي سميت باقي پارٽيون گهڻو پٺتي آهن.

عوام جي راءِ تبديل ٿيندي رهندي آهي ۽ چوندن ۾ اڃان گهڻو وقت آهي ان ڪري في الحال اندازا لڳايا پيا وڃن ڪا اهڙي سروي اڃان نه ٿي آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت هجي. ان ڪري جيئن جيئن صورتحال تبديل ٿيندي رهندي ته ڄاڻ ڏيندا رهنداسين.

نوٽ: هيءَ خبر روزااني عوامي آواز اڱارو ٻه جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.