جمشيد دستي جي وائرل وڊيو فتنو فساد يا حقيقت؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جمشيد دستي ڊرامو ڪري ملڪ ۾ فتنو فساد پکيڙڻ چاهي ٿو يا ساڻس واقعي ايڏي وڏي زيادتي ٿي آهي.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جمشيد دستي ماضيءَ  ۾ ايڏا وڏا ڊراما ڪيا آهن جو ڪڏهن بوٽ پالش ڪندو هو ته ڪڏهن گڏهه  گاڏو هلائي عوام کي خاطري ڪرائيندو  هو ته هو عام ماڻهو آهي، ان ڪري سندس تازي وڊيو به ڊرامو محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف ادارن کي بدنام  ڪرڻ آهي، ان ڪري ته جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ غدار قرار ڏنا ويا هئا، انهن سان به ايئن نه ٿيو هو جيئن جمشيد دستي بيان ڪري رهيو آهي.

ان ڪري سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ چيف جسٽس پاڻ جاچ ڪري حقيقت عوام آڏو آڻڻ گهرجي، جيڪڏهن الزام سچ ثابت ٿئي ته زيادتي ڪندڙ  اهلڪارن کي سزا ملڻ گهرجي.

جيڪڏهن ڊرامو ثابت ٿئي ته جمشيد دستي کي سزا ملڻ گهرجي. جيئن اهو سلسلو هڪدم رڪجي وڃي ٻي صورت ۾ ڊپ آهي ته پي ٽي آءِ وارا ان کان به وڌيڪ خطرنڪا ڊراما ڪري سگهن ٿا جن جو مقصد ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي. جنهن جا نتيجا به خطرناڪ نڪرندا.

صحافي گوهر بٽ موجب جمشيد دستي اٽڪل 9 مهينن کان خاندان سميت ان گهر مان غائب آهي، جنهن گهر تي ڇاپي جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزااني عوامي آواز اڱارو ٻه جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.