ستر ڪروڙ ڊالرز ملڻ جو امڪان، پاڪستان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ناڻي بابت نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر آءِ ايم ايف کي هڪ خط ( ليٽر آف انٽينٽ ) جاري ڪيو آهي ۽ ان ۾ تمام طئي ٿيل شرط لاڳو ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي ته جيئن ستر ڪروڙ ڊالرز جي ٻي قسط جي منظوري ملي سگهي.
هاڻ آءِ ايم ايف پنهنجي ايگزيڪٽيو بورڊ جي اجلاس جي تصديق ڪئي آهي ته هو پاڪستان جي درخواست تي پهريان جائزو وٺندو ۽ پوءِ اسٽينڊ باءِ پروگرام تحت 70 ڪروڙ ڊالرز جي ٻي قسط يارنهن جنوري 2024ع تي جاري ٿي سگهندي، ان مقصد لاءِ 11 جنوري 2024ع تي واشنگٽن واري اجلاس ۾ منظوري ڏني ويندي.
آمريڪا ۾ ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي موڪلون هونديون آهن انڪري آءِ ايم ايف بورڊ موڪلون ختم ٿيندي ئي شيڊيول جاري ڪيو آهي ته هو 11 جنوري تي پاڪستان جي درخواست تي غور لاءِ بورڊ جي اجلاس ۾ غور ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.