ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، ٽرئفڪ جي رواني سخت متاثر، ٿڌ ۾ به غير معمولي اضافو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، مبارڪپور، ميرپور ٻرڙو ۽ جيڪب آباد ۾ ڪوهيڙي سبب زندگي جو ڪاروهنوار سخت متاثر رهيو،گهوٽڪي، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، نئون ديرو، قمبر، ميرو خان، بهرام ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙو، خيرپور، پير وسڻ، ڪوٽ لالو، ڪرونڊي، فيض گنج، اڪري چودڳي ۽ هڱورجا ۾ ڪوهيڙي سبب زندگي جو ڪار وهنوار ٺپ ٿي پيو،ٺارو شاهه، ڀريا سٽي، ڀريا روڊ، ڪنڊيارو، محرابپور، مورو ۽ مٺياڻيءَ ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، قاضي احمد، سڪرنڊ، نواب شاهه، گپچاڻي، ڄام صاحب، بڇيري، دوڙ، ٻانڌي، ڦل، منهڙو ۽ دريا خان مري به ڪوهيڙو ڇانيل آهي،ڀان سيد آباد، جوهي، واهي پانڌي، دادو، ميهڙ، فريدآباد ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي.