نئون سال ڌرتي ڌڻين لاءِ نئين اُميدن سان گڏ شروع ٿي رھيو آهي:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي عوام کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي  چيو آھي تھ نئون سال ڌرتي ڌڻين لاءِ نئين اُميدن، نون جذبن ۽ نون خوابن سان گڏ شروع ٿي رھيو آهي. اھا ڳالھھ ھن نئون سال 2024ع شروع ٿيڻ تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس بيان ۾ ڪئي. ھن چيو ته سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي ۽ الله سائين اسان جي وطن کي سدائين قائم ۽ آباد رکي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسان کي گڏجي محبت ۽ ڀائيچاري سان متحد ٿيڻ گھرجي. نگران وڏي وزير چيو ته سندن شھرن جي صفائي سٿرائي ۽ خوبصورتي جو خيال رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي هن وڌيڪ چيو ته عوام کي عرض آهي ته عزت، محبت ۽ قانون جي احترام سان نئين سال سال 2024 جون خوشيون ملھايون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.