ايف بي آر پاران غير رجسٽرڊ ٽيڪس باقيدارن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن موجب وڌيڪ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ غير  رجسٽرڊ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي بجلي ۽ ٽيليفون ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.ايف بي آر جي ترجمان چيو ته 81 لک 95 هزار کان وڌيڪ غير رجسٽرڊ ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ٽيڪس سال 2022 لاءِ 24 لک 98 هزار 419 غير رجسٽرڊ ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽيڪس سال 2023 لاءِ 56 لک 96 هزار 590 غير رجسٽرڊ ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.ايف بي آر جي ترجمان موجب انهن نوٽيسن جو پهريون مرحلو جاري ڪيو ويو آهي، ٻئي مرحلي ۾ غير رجسٽرڊ وڏن ٽيڪس باقيدارن جا ٽيليفون ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو منصوبو آهي، اهڙن ماڻهن کي انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر تحت نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.ايف بي آر جي ذريعن موجب ٻئي مرحلي ۾ انهن ماڻهن جا بجلي ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو منصوبو به شامل آهي، انهن ماڻهن جي بئنڪ ٽرانزيڪشن جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن، واپارين جي خريد و فروخت جي ڊيٽا به نادرا جي سهڪار سان حاصل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف قرض جي منظوري لاءِ وڌيڪ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.