پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي جو پٽ دهشتگردي جي هڪ ڪيس ۾ گرفتار

لاهور ( م  ڊ ) لاهور پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ مشهور قانوندان لطيف کوسي جي پٽ خرم لطيف کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل انتظار حسين پنجوٿا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ايف آءِ آر شيئر ڪندي تصديق ڪئي ته لطيف کوسي جي پٽ خرم لطيف کوسي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڪيل انتظار حسين موجب لاهور جي مزنگ اسٽيشن پوليس خرم لطيف کوسي کي دهشتگردي جي هڪ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.