مون کي صدر نه چئو،ڪٿي مولانا نه ٻڌي وٺي:زرداري جو لياقت بلوچ کي جملو

اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ جي دعوت تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽  جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي.مولانا فضل الرحمان جي موجودگي ۾ لياقت بلوچ اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ته ”جناب صدر پاڪستان“ ڪيئن آهيو؟جنهن تي آصف علي زرداري جواب ڏنو ته يار بلوچ وڏي آواز ۾ مون کي صدر نه چئو متان مولانا ٻڌي ڇڏي، مولانا فضل الرحمان اهو ٻڌي ناراض ٿي ويندو.اڳوڻي صدر جي بيان تي مولانا فضل الرحمان سميت اتي موجود سمورا سياسي اڳواڻ کلڻ لڳا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.