باجوڙ ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

باجوڙ )م ڊ ) باجوڙ جي علائقي بٽوار ۾ پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج  جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب باجوڙ جي علائقي بٽوار ۾ پاڪ افغان سرحد تي ٽن دهشتگردن جي چر پر کي ڏٺو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ سڪيورٽي فورسز ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو. ٻئي پاسي اتر وزيرستان جي ضلعي اسپن وام ۾ افغانستان مان دهشتگردن پاڪستاني سرحدي چوڪي ​​تي فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي نقصان پهتو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ عبدالرئوف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغان عبوري حڪومت کي بارڊر مئنيجمينٽ کي اثرائتو بڻائڻ جو بار بار چيو آهي، اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.