ملڪ تي35 جنرلن ۽ 3 پارٽين 76 سال حڪومت ڪئي: سراج الحق

لوئر دير ( م ڊ )  امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته ملڪ کي مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ تبديلي جي دعويدارن تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهي پارٽيون ذاتي ۽ خانداني بادشاهت چاهين ٿيون.  لوئر دير تيمر ڳڙهه ۾ استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 8 فيبروري ملڪ ۾ خانداني بادشاهت جي خواهشمند سياسي برهمڻن لاءِ سوگ جو ڏينهن هوندو. ڪشمير جي آزادي ۽ ڊاڪٽر عافيه جي واپسي جو ڏينهن هوندو، ڪا به عدالت يا نيب حڪمران اشرافيه جو احتساب نه ڪري سگهيا، هاڻي عوام انهن جو احتساب ڪندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي بدامني جي لپيٽ ۾ آهي، ان باوجود صوبي ۾ اليڪشن ملتوي ٿيڻ عوام کي قبول نه هوندو، ڪجهه ماڻهو اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي حق ۾ آهن، کين شڪست جو خوف آهي. سراج الحق چيو آهي ته 76 سالن تائين 35 جنرلن ۽ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، حڪومت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.