لاهور (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي پوليس هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو. مسلم ليگ ن جي هائوس تي حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پوليس صنم جاويد کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. پوليس صنم جاويد کي جسماني رمانڊ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. ايڊيشنل سيشن جج خالد وزير پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کي جيل حوالي ڪري جاچ ڪئي وڃي. عدالت صنم جاويد جي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.