شڪارپور ۾ قبيلائي جهيڙا ختم نه ٿيا، بروهي سندراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ضلعي ۾ قبيلائي جھيڙا ختم نه ٿي سگھيا، بروھي سندراڻي تڪرار تان ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، ڳوٺ شادي خان سندراڻي تي بروهي برادري جي ھٿياربندن  جديد ھٿيارن سان ڳوٺ مٿان حملو ڪري ڏنو، فائرنگ سبب موقعي تي سندراڻي برادري جو غلام اڪبر سندراڻي مارجي ويو، ٻه زخمي ٿيڻ جا اطلاع فائرنگ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ٻنھي طرف کان ٿيندڙ فائرنگ سبب مين لاڙڪاڻو شڪارپور باءِ پاس بلاڪ ٿي ويو، مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏھن ته چند قدمن تي ڪرن شريف ٿاڻو ھجڻ باوجود حد جي پوليس واقعي جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پھتي ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو ياد رھي ته ھڪ سال ڦر دوران سندراڻي برادري جا ٻه نوجوان پيارو سندراڻي ۽ صدام سندراڻي کي بروھي برادري جي ھٿياربند ڦورون ڪرن لڳ ڦر دوران گوليون ھڻي قتل ڪري موٽرسائيڪل ڦري ويا ھئا جنھن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھو تازو ئي ھڪ مھينو اڳ سندراڻي برادري پنھنجي نوجوانن جي پلاند ۾ بروھي برادري جي محمد بخش عرف مامل بروھي کي گول مارڪيٽ لڳ دوڪان تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.