شيرافضل مروت جا نامزدگي ڪاغذ به رد

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينيئر نائب صدر شير افضل مروت جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه اين اي 28 پشاور تان تحريڪ انصاف جي تيمور سليم جهڳڙا جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا، اين اي 30 پشاور تان تحريڪ انصاف جي شاندانا گلزار جا به نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا.

شاهه محمود قريشي جا تجويز ڪندڙ ۽ حامي اغوا

ملتان(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه محمود قريشي، سندس پٽ زين قريشي ۽ ڌيءَ مهر بانو قريشي جي حمايتين ۽ ڪارڪنن  کي اغوا ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي آفيشل ”ايڪس“ اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي گرين سوزوڪي ڪلٽس ڪار ۾ سوار ٿي ڀڄندي ڏٺو وڃي.

بنون: پابندي مڙهيل تنظيم پاران ڇوڪرين جي اسڪول تي حملو

بنون )م ڊ ) بنون ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ڇوڪرين جي اسڪول تي حملو ڪري سائنس ليب کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس موجب واقعو بنون جي تعلقي ميران ۾ رات جي اونداهي ۾ پيش آيو، جتي شرپسندن گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري  اسڪول ممباتي بارڪزئي تي حملو ڪري اسڪول جي سائنس ليب جو سمورو سامان ساڙي ڇڏيو. شرپسند اسڪول مان سولر پلانٽ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا ۽ اسڪول کولڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.