ڪارونجهر ۽ زمينن جي وارثي ڪندا رهنداسين: جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جوسربراهي اجلاس حيدرآباد سخي ستارڏنو چولياڻي هائوس تي ڪميٽي سربراه رياض علي چانڊيو  جي صدارت ۾ ٿيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر جو چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ تحريڪ چيئرمين سوريھ سنڌي سميت عبدالفتاح چنو، غفارميرجت ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگره جو سن جلسو رهبر ڪميٽي طرفان گڏيل ڪيو ويندو، گڏيل جلسي کي اتحادي پارٽين جا اڳواڻ خطاب ڪندا، رياض علي چانڊيو ۽ ٻين اجلاس ۾ چيو ته سنڌجي پيداواري وسيلن تي قبضي،ڪرڻ لاءِ سازشون وڌي ويون آھن سنڌ جي زرعي مينن کي جوائنٽ وينچئر جي نالي ۾ تين وال ڪيو پيو وڃي جن تي ڪنهن ڌاري جو نه پر سنڌي هارين جو حق آھي ڪارونجهر سميت سنڌ جي پهاڙن کي ٽوڙڻ گيريڊنائيٽ سميت ٻين قميتي پٿر ڪڍڻ جا سانباها سنڌ جي وسيلن تي راتاهو آھن پهاڙن کي ٽوڙڻ ۽ درياهن جا وهڪرا موڙڻ سان ماحولياتي تباهي ايندي هي سڄو خطو تباهي جي ور چڙھي ويندو، حڪمرانن جي ناعاقت انديشي جي نتيجي ۾ تباهين کي ڦهلايو پيو وڃي، سنڌ جي پيداواري وسيلن جي وارثي ۽ مسئلن جي جي حل لاءِ گڏيل سياسي جدوجهد جي ضرورت آھي، جيئي  رهبر ڪميٽي سنڌ جي وسيلن تي سنڌي قوم جي مالڪي ۽ آزادي کي قبول ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي اسان پنهنجي وطن جي وارثي ڪندارهنداسين ۽ ان جي مالڪي جي حق تان دستبردار نه ٿينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.